لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ملڪ بنانا ريپبلڪ بڻجي چڪو آهي.فواد چوڌري جي عدالت ۾ پيشي جي ردعمل ڏيندي عمران خان چيو ته پي ٽي آءِ اڳواڻن کي هٿڪڙيون لڳائي ۽ مُنهن ڍڪي پيش ڪيو پيو وڃي.هن چيو ته فواد چوڌري کي هڪ دهشتگرد جيان عدالت ۾ پيش ڪيو پيو وڃي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته امپورٽڊ حڪومت ۽ رياست ڪيتري حد تائين ڪِري چڪي آهي.سندس چوڻ هو ته اعظم سواتي ۽ شهباز گل سان به ائين ئي ڪيو ويو، ماڻهن ۾ ذهنن ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسان هڪ بنانا ري پبلڪ بڻجي چڪا آهيون.










