ڪوڙي ڊگري ڪيس، ياسمين شاهه کي 2 سال قيد، گرفتار

ڪوڙي ڊگري ڪيس، ياسمين شاهه کي 2 سال قيد، گرفتار

بدين(رپورٽ مرتضي ميمڻ)پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي سينيٽر سابق صو بائي وزير سيد پپو شاھ جي گهر واري بي بي ياسمين شاھ جي بي اي جي ڊگري جعلي ثابت ٿيڻ تي  ڊسٽرڪٽ سيشن جج بدين فاروق احمد عباسي جي عدالت هن کي  2 سال قيد ۽ 5 هزار روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ۽ کيس جيل اماڻڻ جو حڪم ڏنو. جنهن تي بدين پوليس بي بي ياسمين شاھ کي ڪورٽ جي احاطي مان گرفتار ڪري هڪ نجي گاڏي ۾ کڻي عورتن واري جيل روانو ڪري ڇڏيو. 2002 ۾ جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ ناظمن جي چونڊن ۾ بي بي ياسمين شاھ بدين جي ضلعي ناظم جي سيٽ تي نامينيشن فارم جمع ڪرايو جنهن۾ هن بي اي جو سرٽيفڪيٽ پيش ڪيوهو جنهن کي ان وقت پ پ پ جي ايم اين اي ۽ موجوده وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا اليڪشن ڪميشن ۽ سپريم ڪورٽ ۾ چيلنج ڪيو هو جيڪو  16 سال ڪيس هلڻ کانپوء 2017 ۾ بي بي ياسمين شاھ جو بي اي جو سرٽيفڪيٽ جعلي ثابت ٿيڻ تي سپريم ڪورٽ هن کي ٽن سالن لاءِ نا اهل قرار ڏيندي ڊاڪٽر فهميده مرزا ۽ اليڪشن ڪميشن کي بي بي ياسمين شاھ خلاف ڪوڙي ڊگري رکڻ تي فوجداري ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. جنهن کانپوء عورت هئڻ جي ناطي ڊاڪٽر فهميده مرزا بي بي ياسمين شاھ تي ڪيس داخل نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو پر اليڪشن ڪميشن پاران بي بي ياسمين شاھ تي ڪيس داخل ڪرڻ لاء ريجنل اليڪشن ڪميشن حيدرآباد کي هدايتون جاري ڪيون ويون جنهن تي ريجنل اليڪشن ڪميشن حيدر آباد طرفان 2017 ۾ ڊسٽرڪٽ سيشن جج بدين جي عدالت ۾ بي بي ياسمين شاھ جي خلاف فوجداري ڪيس داخل ڪيو ويو هو جنهن تي اربع ڏينهن ڊسٽرڪٽ سيشن جج بدين  فاروق احمد عباسي جي عدالت فيصلو ڏيندي کيس 2 سال قيد ۽ 5 هزار روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي.

پهنجو تبصرو موڪليو