ميرپورماٿيلو(ظهير وسير) ڪراچي کان صادق آباد ويندڙ مسافر ڪوچ جو اورٽيڪ ڪندي ٽرالر سان زور دار ٽڪر 2 عورتن سميت 3 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا. شهر جي مڱريا پمپ وٽ ٽرالر کي اورٽيڪ ڪندي ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ شريفان ولد سعيد احمد، ياسمين ولد جميل احمد، ڪامران حبيب الله، وقاص احمد ولد مشتاق احمد، ارسلان ولد اصغرعلي، سخت زخمي ٿي پيا جن کي ترت سرڪاري اسپتال ميرپورماٿيلو آندو ويو، جڏهن ته پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٽرالر ۽ ڪوچ کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيوآهي.










