ڪوچ جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر هڪ فوت 10 زخمي

بدين(رپورٽ مرتضي ميمڻ)مٺي کان وايا بدين ڪراچي ويندڙ اي سي مسافر ڪوچ شادي لارج لڳ کوسڪي بدين باء پاس روڊ تي تيز رفتاري سبب ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري ويئي ۽ روڊ تي ويندڙ ھڪ موٽر سائيڪل سان ٽڪرائجي ويئي ۽ ڪلٽيون کائي  روڊ لڳ کڏي ۾ ڪري پئي موٽر سائيڪل سوار محمد عثمان پاڙھو ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو.

فوتي محمد عثمان پاڙهو جي حياتي جي تصوير، فوٽو سنڌيار

جڏهن ته ڪوچ ۾سوار ڏھ مسافر معجزاڻي طور بچي ويا ۽ هو معمولي زخمي ٿي پيا حادثي واري جاء جي ڀر پاسي جا ڳوٺا ڻا گڏ ٿي ويا ۽هنن محمد عثمان پاڙو جو لاش ۽ زخمين کي کوسڪي رورل هيلٿ سينٽر آندو جتي زخمين کي مرهم پٽي کانپوء گهرن ڏانهن روانو ڪيو ويو حادثي ۾فوت ٿي ويل محمد عثمان پاڙهو جيڪو نيازي فارم جو ڊرائيور هو جو لاش نيازي فارم روانو ڪيو ويو حادثي جو ذميوار اي سي ڪوچ جو ڊرائيور حادثي واري جاء تان ڀڄي ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو