ڪوٽ لکپت جيل ۾ قيد حمزه شهباز ڪورونا ۾ مبتلا

ڪوٽ لکپت جيل ۾ قيد حمزه شهباز ڪورونا ۾ مبتلا

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب اسمبلي جي اپوزيشن ليڊر حمزه شهباز شريف ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي ويو آهي. هو نيب پاران داخل مبيه ڪرپشن جي ڪيسن ۾ گرفتار آهي ۽ ڪوٽ لکپت جيل ۾ قيد آهي. مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب حمزه شهباز جي ڪورونا ٽيسٽ مثبت اچڻ جي تصديق ڪندي کيس فوري طور تي اسپتال منتقل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. هن چيو ته نيب ۽ نيازي ڳٺ جوڙ سبب جيل ڀوڳيندڙ حمزه شهباز جي علاج ۾ ڪا به ڪوتاهي برداشت نه ڪنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو