ڪوٽ غلام محمد،نوجوان حادثي ۾ ڇيڀٽاٽجي فوت ٿي ويو

ڪوٽ غلام محمد،نوجوان حادثي ۾ ڇيڀٽاٽجي فوت ٿي ويو

ڪوٽ غلام محمد (ن س )ڪوٽ غلام محمد لڳ واگھريجي اسٽاپ لڳ ڪراچي کان ڪنري ويندڙ تيز رفتار اي سي ڪوچ ڳوٺ وريام خاصخيلي جو رھواسي 20 سالا موٽر سائيڪل سوار شھريار پٽ محمد انور خاصخيلي کي ڇيڀٽاٽي ڇڏيو جيڪو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو ڪوچ ڊرائيور کي رھواسين پڪڙي پوليس حوالي ڪيو جنھن جو لاش پوليس تعلقه اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن ضروري ڪروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرم مچي ويو ٻئي طرف ڳوٺاڻن حبيب الله خاصخيلي. عبدالرحمان خاصخيلي ۽ غلام حسين لغاري جي اڳواڻي ۾ احتجاجن ڪوٽ غلام محمد ميرواھ روڊ بند ڪري ڇڏيو جتي ايس ايڇ او فرمان اگھيم اتي ڳالھين لاء پھتو ته اڳواڻن کيس ٻڌايو ته اسان پھرين به شڪايتون ڪري چڪا آھيون ته اھي اي سي ڪوچ وارا ڊرائيور گاڏيون تمام تيز ٿا ھلائين جنھن سبب انھي روڊ تي ايس سي جي ڪوچ ٽڪرن سبب ڪيئي نوجوان فوت ٿي چڪا آھن پر پاران ڪوبه نوٽس ناھي ورتو ويو آخري اطلاعن تائين احتجاجي ڌرڻو جاري ھو.

پهنجو تبصرو موڪليو