ڪوٽلي جي تڪ ايل اي 10 ۾ پولنگ کان اڳ ئي ڌاندلي جو الزام

ڪوٽلي جي تڪ ايل اي 10 ۾ پولنگ کان اڳ ئي ڌاندلي جو الزام

لاهور (ويب ڊيسڪ): وزيراعظم جي سياسي معاملن واري مشير رانا ثناءُ الله آزاد ڪشمير جي تڪ ايل اي 10 ڪوٽلي ۾ پولنگ کان اڳ ئي وڏي پيماني تي ڌاندلي ٿيڻ جو سنگين الزام لڳائي ڇڏيو آهي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ رانا ثناءُ الله دعويٰ ڪئي ته ڪوٽلي ۾ پريزائيڊنگ آفيسر ۽ پٽواري راتو رات پولنگ بيگز سميت پڪڙيا ويا آهن، جيڪا هڪ شرمناڪ ۽ قابلِ مذمت واردات آهي. هن وزيراعظم آزاد ڪشمير ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جي فوري تحقيقات ڪرائي وڃي ۽ جيستائين جاچ مڪمل نٿي ٿئي، تيستائين ايل اي 10 ڪوٽلي ۾ چونڊ عمل کي روڪيو وڃي. هن چيو ته حقائق سامهون اچڻ تائين ن ليگ ڪو به نتيجو قبول نه ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو