ڪوه سليمان ۾ تيز برسات، لينڊ سلائيڊنگ سبب گاڏيون ڦاٿل

ڪوه سليمان ۾ تيز برسات، لينڊ سلائيڊنگ سبب گاڏيون ڦاٿل

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جي سرحدي علائقن ۾ جبل سليمان ۾ طوفاني برساتن سبب ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي.پي ڊي ايم اي موجب زوب ڊي آءِ خان نيشنل هاءِ وي تي دانهسر ۽ مانيخواهه ۾ لينڊ سلائيڊنگ سبب ڪيتريون ئي گاڏيون تباهه ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.لينڊ سلائيڊنگ سبب مسافر بسون ۽ ننڍيون گاڏيون ڪيترن ئي ڪلوميٽرن جي علائقي ۾ ڦاٿل آهن.اسلام آباد، پشاور ۽ سوات کان ايندڙ گاڏين کي خيبرپختونخواهه جي حدن ۾ روڪيو ويو آهي، بلوچستان کان اسلام آباد ۽ خيبرپختونخواه ڏانهن ويندڙ گاڏين کي به ژوب ۽ شيراني ۾ روڪيو ويو آهي.پي ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته ريسڪيو آپريشن مڪمل ٿيڻ تائين خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان وچ ۾ ٽريفڪ معطل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو