ڪوهاٽ (ويب ڊيسڪ)ڪوهاٽ ۾ فائرنگ جي واقعي ۾ ست ماڻهو مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو.پوليس موجب، اڻڄاتل جوابدار فائرنگ کان پوءِ فرار ٿي ويا. وڌيڪ جاچ جاري آهي.ريگي شينو خيل ۾ اڻڄاتل جوابدارن پاران فائرنگ جي واقعي ۾ فوت ٿيل ۽ زخمي شخص کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.پوليس اختيارين چيو ته سڀئي فوت ٿيل دوست هئا.آفيسرن چيو ته سڀئي دوست ٽنڊا ڊيم تي پکنڪ مان پنهنجي ڳوٺ محمد زئي واپس اچي رهيا هئا ته انهن کي گولي هڻي نشانو بڻايو ويو.










