ڪورونا ۾ تيزي مختلف شھرن ۾ لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙي،ڪارروايون

ڪورونا ۾ تيزي مختلف شھرن ۾ لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙي،ڪارروايون

ڪراچي (نمائندن وٽان) ڪورونا جا ڪيسز وڌڻ تي ڪراچي سينٽرل ضلعي جي 4 ٽائونز ۾ 8 مئي تائين مائيڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو، حيدرآباد جي 17 کان وڌيڪ علائقن ۾ اڄ کان 5 مئي تائين سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو، سمارٽ لاڪ ڊائون وارن علائقن جون گهٽيون ۽ رستا بند، پوليس اهلڪار مقرر، دادو ۾ لاڪ ڊائون ۽ ايس او پيز تي عمل جون حڪومتي هدايتون نظرانداز، اسٽيشن روڊ، شاهي بازار، ريشم گهٽي، سئنيما چوڪ ۽ ٻين علائقن ۾ ڪاروباري مرڪز کُليل، شهرين ڪورونا ايس او پيز کي نظرانداز ڪري ڇڏيو، ٺُل ۾ پوليس ۽ انتظاميا جون لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙي خلاف ڪارروائيون، درزين سوڌو 10 دڪاندار گرفتار، لاڙڪاڻو ۾ وڌيڪ هڪ ڪورونا مريض حياتي وڃائي ويٺو، 60 سالن جي بندهه علي کي ڪورونا وگهي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو ويو هو..

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو