ڪورونا ڪيسز ۾ واڌ سبب لاڪ ڊائون لاڳو ڪرڻ تي غور

اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو)ڪورونا جي تدارڪ لاءِ قائم ڪيل نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) واضح ڪري ڇڏيو آهي ته ڪورونا ڪيسز ۾ واڌ وارن شهرن ۾ موجوده حالتون برقرار رهيون ۽ اسپتالن تي دٻاءُ وڌيو ته سڀني ڌرين سان مشاورت کانپوءِ لاڪ ڊائون لڳائي سگهجي ٿو.وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ اين سي او سي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ بين الصوبائي پبلڪ ٽرانسپورٽ جي هفتي ۾ ٻه ڏينهن جي بندش ۾ 17 مئي تائين توسيع ڪئي وئي.اجلاس ۾ جن شهرن ۾ ڪورونا وڌيڪ پکڙجي رهيو آهي انهن ۾ لاڪ ڊائون جي تجويزن تي غور ڪيو ويو. لاڪ ڊائون جو فيصلو سڀني ڌرين سان مشاورت کانپوءِ ڪيو ويندو. لاڪ ڊائون جو مقصد ايس او پيز جي نفاذ ذريعي ڦهلجندڙ بيمارين تي قابو پائڻ هوندو، لاڪ ڊائون دوران مارڪيٽون، شاپنگ مالز، شهر جي اندر پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ تعليمي ادارا مڪمل طور بند ڪرڻ جون تجويزون آهن، صوبائي حڪومتن جي درخواست تي فوج، ايف سي ۽ رينجرز جي ذريعي مدد فراهم ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو