ڪورونا وائرس سبب فيشن شو ملتوي ڪرڻ جو فيصلو

ڪورونا وائرس سبب فيشن شو ملتوي ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (ڪلچرل رپورٽر) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ڦهلاءَ جي خطري سبب اپريل ۾ رٿيل فيشن شو ملتوي ڪيو ويو آهي. فيشن پاڪستان ڪائونسل طرفان جراي ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته وائرس سبب ملتوي ڪيل فيشن ويڪ جي نئين تاريخ جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو. 9 کان 11 اپريل تائين فيشن شو ڪراچي ۾ رٿيل هو. ايف پي سي جي چيئرپرسن ماهين خان موجب هنن پنهنجي دزائنرز ۽ اسپانسرز کي اعتماد ۾ وٺي اهو فيصلو ڪيو آهي ڇو ته ڪورونا وائرس هن وقت عالمي وبا بڻجي چڪي آهي. هاڻي هي شو سال جي آخر ۾ منعقد ڪيو ويندو. ياد رهي ته صحت بابت وزيراعظم جي مشير ڊاڪٽر ظفر مرزا جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس ۾ مبتلا مريضن جو انگ 28 ٿي ويو آهي جن مان 2 صحتمند ٿي گهرن ڏانهن واپس وڃي چڪا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو