ڪورونا وائرس جي تباهي جاري مرندڙن جو انگ 1700 کان وڌي ويو

ڪورونا وائرس جي تباهي جاري مرندڙن جو انگ 1700 کان وڌي ويو

بيجنگ (ويب يسڪ) چين ۾ ڦهليل خطرناڪ وائرس ڪورونا سبب مرندڙن جو انگ 1700 کان وڌي ويو آهي جڏهن ته وائرس ۾ مبتلا ماڻهن جو انگ 70 هزار کان به ٽپي ويو آهي. چين جي هيلٿ ڪميشن موجب آچر تي 105 ماڻهن جي فوت ٿيڻ بعد مري ويلن جو انگ 1770 ٿي ويو آهي جڏهن ته 2048 نوان ڪيس سامهون اچڻ بعد وائرس ۾ مبتلا ماڻهن جو انگ 70548 ٿي ويو آهي. وائرس چين جي ووهان واري علائقي مان ٻين صوبن م به ڦهلجي رهيو آهي ۽ هوبئي مان به فوتگيون ۽ وائرس ۾ مبتلا هجن جي تصديق ٿي آهي. هوڏانهن جاپان ۾ موجود 40 آمريڪي شهرين ۾ وائرس جي تصديق ٿي آهي جن کي علاج ٿيڻ تائين جاپان ۾ رهن جي تلقين ڪئي وئي آهي. جڏهن ته ان جهاز ۾ موجود 27 فلپائني شهرين ۾ به وائرس جي تصديق ٿي آهي. پيرس ۽ فلپائن ۾ وائرس سبب فوتگين بعد تائيوان ۾ هڪ چيني باشندو فوت ٿيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو