اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 62 مريضن دم ڏئي ڇڏيو، هڪ هزار 792 نوان ڪيس رپورٽ، عالمي وبا وگهي فوت ٿيلن جو انگ 9 هزار 392 ٿي ويو: وزيراعظم جي صلاحڪار شهباز گِل چيو آهي ته ڪراچي ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪورونا ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن پر سنڌ حڪومت نااهلي جو مظاهرو ڪندي ڪورونا تي سياست ۾ اڳڀري آهي، دنيا جو سڀ کان عظيم وڏو وزير ڪوڙي استعيفيٰ ڏئي آمريڪا ۾ موڪلن تي غائب آهي، پرچي تي آيل چيئرمين پي ڊي ايم سان گڏجي لٽيل پئسو بچائڻ ۾ رڌل آهي، سنڌ جو عوام بي يارو مددگار بڻيل آهي.










