اسلام آباد(بيورو رپورٽ)عالمي وبا ڪورونا سبب پاڪستان ۾ وڌيڪ 27 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن ۽ 2500 کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. پاڪستان ۾ ڪورونا جي انگن اکرن جي ويب سائيٽ (covid.gov.pk) موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 48037 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 2597 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي جڏهن ته 27 ڄڻا وبا سبب فوت ٿي ويا. سرڪاري پورٽل موجب ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 5.40 سيڪڙو رهي.










