ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ61 مريض فوت

ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ61 مريض فوت

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو)ملڪ ۾ ڪورونا جي تئين لهر ۾ تيزي وڌيڪ  61 ڪورونا جا مريض فوت ۽ 2هزار351 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.ڪورونا جي شماريات جي ويب سائيٽ مطابق ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتين جو  ڪل تعداد 13هزار656 آهي  ۽ ڪيسن جو ڪل تعداد 6لک12هزار315 تائين پهچي چڪو آهي جڏهن ته فعال ڪيسن جو تعداد 22هزار792 آهي.اين سي او سي موجب گذريل  24 ڪلاڪن دوران ڪورونا مثبت ڪيسن جي شرح 6 سيڪڙو رهي.ان کان علاوه  24 ڪلاڪن ۾ سڄي ملڪ ۾ ڪورونا کان 2هزار853 مريض صحتياب  ٿيا آهن  صحتيابن جو ڪل تعداد 5لک75هزار867 ٿي ويو آهي.سنڌ ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 2لک61هزار823 تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته هينئر تائين 4هزار461 مريض فوت ٿي چڪا آهن.پنجاب ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 1لک89هزار362 آهي ۽ وائرس سبب 5هزار853 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته بلوچستان ۾ مريضن جو ڪل تعداد 19هزار247  آهي۽ فوتين جو تعداد 202 ٿي چڪو آهي.خيبرپختونخواهه ۾ ڪورونا جي مريضن جو تعداد 76هزار819  آهي ۽ 2هزار179 فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ ڪيسن جو ڪل تعداد  11هزار161 آهي ۽ 322 مريض فوت ٿي چڪا آهن.گلگت بلتستان ۾ هن وقت تائين ڪيسن جو ڪل تعداد  4هزار965  آهي ۽ 103 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن.اسلام آباد ۾ ڪورونا مريضن جو ڪل تعداد 48هزار938 آهي ۽ هن وقت تائين 529 مريض فوت ٿي چڪا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو