ڪورونا سبب وڌيڪ 58 فوت 15سئو کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ

ڪورونا سبب وڌيڪ 58 فوت 15سئو کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 58 مريض وڌيڪ فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته  ڪورونا وائرس سبب فوتين جو ڪل تعداد 9هزار کان وڌي ويو آهي.نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 33 هزار 270  ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن کان پوءِ گڏيل طور تي ڪورونا 19 ٽيسٽن جو انگ 65 لک 57 هزار 112 ٿي ويو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ وڌيڪ هڪ هزار 853 هاڪاري ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. اهڙي طرح پاڪستان ۾ ڪورونا جي گڏيل مريضن جو انگ 4 لک 71 هزار 335 ٿي ويو آهي.سرڪاري انگن اکرن موجب هنيئر تائين سنڌ ۾ 2 لک 19 هزار، 241، پنجاب ۾ هڪ لک 35 هزار 665، خيبرپختونخواهه ۾ 57 هزار215، اسلام آباد ۾ 37 هزار 117، بلوچستان ۾ 18 هزار 075، آزاد ڪشمير ۾ 8 هزار 172 ۽ گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 850 ڄڻن ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ ٿي آهي. سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي فعال مريضن جو انگ 39 هزار 329 ٿي ويو آهي جڏهن ته 2 هزار 282 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 58 مريض فوت ٿي ويا آهن جنهن کان پوءِ هاڻ هن وبا سبب فوت ٿي ويل ماڻهن جو گڏيل انگ 9 هزار 874 ٿي ويو آهي. اين سي او سي موجب ڪورونا سبب هڪ ڏينهن ۾ هڪ هزار 643 مريض صحتياب ٿيا جنهن کان پوءِ صحتياب ٿيندڙ مريضن جو انگ 4 لک 22 هزار 132 ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو