ڪورونا سبب ملڪ ۾ 118 مريض فوت ٿي ويا

ڪورونا سبب ملڪ ۾ 118 مريض فوت ٿي ويا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ ڪورونا جا وار جاري آهن، وائرس وگهي وڌيڪ 118 ماڻهو فوت ٿي ويا، جنهن بعد فوتين انگ وڌي 15619 ٿي ويو ۽ مجموعي ڪيسز 7 لک29 هزار920 تائين پهچي ويو، سرڪاري پورٽل موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسز جي شرح 8.5 سيڪڙو رهي، سڄي ملڪ ۾ 3432 مريض صحتياب ٿي ويا، جنهن کانپوءِ مجموعي طور تي صحتياب ٿيلن جو تعداد 638267 ويو آهي، سرڪاري پورٽل موجب سنڌ ۾ ڪورونا مريضن جو مجموعي تعداد 269474 ٿي ويو، جڏهن ته 4530 ماڻهو هن وقت تائين فوت ٿي چڪا آهن، پنجاب ۾ ڪل مريضن جو انگ 252974 آهي، 7162 ماڻهو فوت ٿي ويا، بلوچستان ۾ مريضن جو ٽوٽل انگ 20397 آهي فوتين جو تعداد 217 ٿي ويو، جڏهن ته ڪي پي ۾ مريضن جو انگ 100275 ٿي ويو ۽ 2683 ماڻهو وائرس وگهي فوت ٿي چڪا آهن، اسلام آباد ۾ ڪورونا وگهي 617 مريض فوت ٿي چڪا، مريضن جو انگ 66983 آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو