اسلام آباد( رپورٽ الله وسايو گهوٽو) ڪورونا سبب ملڪ ۾ وڌيڪ 22 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته 1هزار500 کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.ڪورونا جي شماريات جي ويب سائيٽ مطابق پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 34هزار347 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 1هزار592 ماڻهن ڪورونا وائرس جي تصديق ڪئي وئي آهي جڏهن ته مريض 22 ڪورونا وائرس سبب فوت ٿي چڪا آهن.سرڪاري پورٽ موجب ، ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتين جو تعداد 13هزار 277 آهي ۽ ڪيسن جو ڪل تعداد 5لک92هزار100 تائين پهچي چڪو آهي جڏهن ته فعال ڪيسن جو تعداد 18هزار415 آهي.ان کان علاوه گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 1هزار210 مريض ڪورونا کان صحتياب ٿي چڪا آهن صحتياب ٿيندڙن جو ڪل تعداد 5لک60هزار458 ٿي ويو سرڪاري رپورٽ مطابق سنڌ ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 2لک59هزار855 تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته 4هزار426 ماڻهو هن وقت تائين فوت ٿي چڪا آهن.پنجاب ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 1لک77هزار823 آهي ۽ 5هزار565 ماڻهو وائرس سبب فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته بلوچستان ۾ مريضن جو ڪل تعداد 19هزار 117 آهي ۽ 201مريض فوت ٿي چڪا آهن.خيبرپختونخواهه ۾ ڪورونا جي مريضن جو تعداد 74هزار027 آهي ۽ 2هزار113 مريض فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 10هزار579 ماڻهو وائرس کان متاثر ٿيا آهن ۽ 311 ڪورونا مريض فوت ٿي چڪا آهن.گلگت بلتستان ۾ هن وقت تائين ڪورونا مريضن جو تعداد 4هزار959 آهي ۽ 102 مريص فوت ٿي چڪا آهن.اسلام آباد ۾ ڪورونا مريضن جو ڪل تعداد 45هزار740 آهي ۽ هن وقت تائين 509 مريض فوت ٿي چڪا آهن.










