ڪورونا جا وڌيڪ 392 ڪيس ظاهر، 2 مريض فوت

ڪورونا جا وڌيڪ 392 ڪيس ظاهر، 2 مريض فوت

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران هن موذي وبا وڌيڪ 2 مريض حياتيون وڃائي ويٺا.ملڪ ڪورونا مريضن جي لسٽ ۾ 52هين نمبر تي آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا ڪيسن جي شرح 2.84 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 392 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي، جنهن ۾ علاج هيٺ 156 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.پاڪستان ۾ هن وقت تائين 30 هزار 490 ڪورونا وائرس جا مريض فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته مريضن جو انگ 15 لک 55 هزار 639 تائين پهچي ويو آهي.ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 13 هزار 822 وڌيڪ ڪورونا وائرس جا ٽيسٽ ڪيا ويا، جڏهن ته هن وقت تائين ڪل 2 ڪروڙ 96 لک 8 هزار 787 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو