ڪورلش عثمان جي مشهور جوڙي شادي ڪري ڇڏي

ڪورلش عثمان جي مشهور جوڙي شادي ڪري ڇڏي

انقرهه (ويب ڊيسڪ)خلافت عثمانيه جي تاريخ تي ٻڌل دنيا جي مشهور ترڪي سيريز ڪورلش عثمان ۾ سپاهي جرڪوتائي ۽ اگل خاتون جو ڪردار ادا ڪندڙ جوڙي هاڻي حقيقت ۾ هڪ ٻئي سان پيار جي شادي ڪري ورتي آهي.پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب اداڪار بوس ارسلان ۽ اداڪار جگري سنسوئي ڊگهي عرصي تائين رشتي ۾ رهڻ کانپوءِ هاڻي شادي ڪري رهيا آهن.ميڊيا رپورٽن موجب ٻئي ڊرامي جي سيٽ تي هڪ ٻئي سان پيار ۾ پئجي ويا، جنهن بعد هنن پهرين مڱڻي ڪئي ۽ هاڻي شادي ڪئي آهي.ترڪي سيريز جي اداڪارن پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽس تي پنهنجي شادي جون تصويرون شيئر ڪيون جيڪي سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي رهيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو