ڪراچي(ايڊيٽر ڊيسڪ)انگلينڊ ۽ ناروي ڇنڇر ڏينهن ميا مي ۾ ٿيندڙ فيفا ورلڊ ڪپ جي ڪوارٽر فائنل ۾ آمهون سامهون ٿيندا، جتي دنيا جي ٻن بهترين اسٽرائيڪرن، هيري ڪين ۽ ارلنگ هالينڊ، وچ ۾ زبردست مقابلي جي اميد ڪئي پئي وڃي. هي ميچ پاڪستاني وقت موجب ڇنڇر ۽ آچر جي رات صبح 2 وڳي ٿيندو.
ٻئي ٽيمون سيمي فائنل ۾ پهچڻ لاءِ کيڏي رهيون آهن، جتي سندن مقابلو يا ته دفاعي چيمپيئن ارجنٽينا سان ٿيندو يا وري هن ٽورنامينٽ جي حيران ڪندڙ ٽيم سوئٽزرلينڊ سان.
هيري ڪين هڪ ڀيرو ٻيهر انگلينڊ جو هيرو ثابت ٿيو آهي. هن ايسٽاڊيو ازٽيڪا ۾ ميڪسيڪو خلاف آخري 16 واري سخت مقابلي ۾ پنهنجي ٽيم جي اڳواڻي ڪئي، جتي انگلينڊ هڪ رانديگر جي ريڊ ڪارڊ سبب ميدان مان نڪرڻ باوجود 3-2 تان ڪاميابي حاصل ڪئي. بيئرن ميونخ جي هن فارورڊ هن وقت تائين ڇهه گول ڪري انگلينڊ کي ڪوارٽر فائنل تائين پهچايو آهي.
ٻئي طرف ارلنگ هالينڊ آمريڪا پهچڻ کان پوءِ شاندار فارم ۾ نظر اچي رهيو آهي. هن هيل تائين ست گول ڪري ناروي کي پنهنجي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ورلڊ ڪپ جي هن مرحلي تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.
ناروي جي هن يادگار سفر دوران هنن برازيل جهڙي مضبوط ٽيم کي به شڪست ڏني. ان سان گڏ ناروي جي مداحن جو مشهور “وائڪنگ رو” جشن پڻ سڄي آمريڪا جي اسٽيڊيمز ۾ ڇانيل رهيو، جتي هزارين مداح ٻيڙي هلائڻ جي انداز ۾ هٿ هلائي وائڪنگ جي روايت کي زندهه ڪري رهيا آهن.
جمعي ڏينهن ناروي جي هيڊ ڪوچ اسٽيل سولباڪن چيو، “هر ميچ ناروي جي فٽبال جي تاريخ جي سڀ کان اهم ميچ بڻجي رهي آهي، خاص طور ناڪ آئوٽ مرحلي ۾. تنهنڪري هي ٽيون ڀيرو آهي، جڏهن اسان چئي رهيا آهيون ته هي سڀ کان اهم ميچ آهي.”
هيري ڪين 25 ورهين جي ارلنگ هالينڊ کي “هڪ ديو” قرار ڏنو، پر ساڳئي وقت چيو ته ٻنهي جي راند جو انداز مختلف آهي.
32 ورهين جي انگلينڊ جي ڪپتان چيو، “مان پاڻ کي مختلف قسم جو رانديگر سمجهان ٿو، جيتوڻيڪ اسان هڪ جهڙا گول ڪريون ٿا. مون کي بال کي وڌيڪ ڇهڻ، راند جي وهڪري ۾ وڌيڪ شامل رهڻ پسند آهي، پر مان خالص نمبر نائن جي حيثيت سان به کيڏي سگهان ٿو.”
هن وڌيڪ چيو، “منهنجي خيال ۾ اسان جو پاڻ ۾ مقابلو ڪرڻ مناسب ناهي. مان هالينڊ جو هڪ رانديگر ۽ هڪ پيشيور جي حيثيت سان تمام گهڻو احترام ڪريان ٿو.”
انگلينڊ لاءِ سٺي خبر اها آهي ته ڊيڪلن رائس، مارڪ گوهي ۽ ريس جيمس بيماري ۽ زخمن مان صحتياب ٿيڻ بعد جمعي ڏينهن ٻيهر ٽريننگ ۾ شامل ٿي ويا.
هيڊ ڪوچ ٿامس ٽوخل سندن واپسي کي “سڀ کان بهترين خبر” قرار ڏيندي چيو، “اسان گذريل ميچ ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ هڪ وڏو قدم کنيو، پر اهو رڳو هڪ قدم هو. هاڻي ايندڙ قدم ڪوارٽر فائنل کٽڻ آهي. اهم ڳالهه اها آهي ته اسان پنهنجي سامهون موجود هدف تي نظر رکون.”
ميا مي جي هارڊ راڪ اسٽيڊيم ۾ ٿيندڙ هي مقابلو سخت گرمي ۾ کيڏيو ويندو، جتي گرمي پد 40 ڊگري سينٽي گريڊ کان به مٿي وڃڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
ٻيو اهم مقابلو ارجنٽينا ۽ سوئٽزرلينڊ ۾ آچر جي صبح 6 وڳي ٿيندو
ارجنٽينا لڳاتار ٻيو ورلڊ ڪپ کٽڻ جي مهم جي شروعات شاندار نموني ڪئي، ۽ جيڪڏهن هو ڪامياب ٿيو ته 1962ع ۾ برازيل کان پوءِ لڳاتار ٻه عالمي ڪپ کٽيندڙ پهريون ملڪ بڻجي ويندو.
پر ناڪ آئوٽ مرحلي ۾ پهچڻ کان پوءِ ٽيم ۾ ڪجهه ڪمزوريون ظاهر ٿيون آهن. پهرين ورلڊ ڪپ ۾ پهريون ڀيرو کيڏندڙ ڪيپ ورڊي ۽ پوءِ مصر ارجنٽينا کي سخت مقابلي ۾ وجهي ڇڏيو.
گروپ مرحلي دوران 39 سال پورا ڪندڙ ليونل ميسي هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي ٽيم لاءِ نجات ڏيندڙ ثابت ٿيو آهي ۽ ڪيترن ئي ڏکين لمحن ۾ پنهنجي غيرمعمولي صلاحيت سان ٽيم کي بچايو آهي.
تنهن هوندي به، مڊفيلڊ جنرل گرانٽ زاڪا جي اڳواڻي ۾ منظم سوئس ٽيم ارجنٽينا جي ممڪن ٿڪاوٽ جو فائدو وٺي کيس ڪنساس سٽي جي ايروهيڊ اسٽيڊيم ۾ ڏکيائي ۾ وجهي سگهي ٿي.
ارجنٽينا جي ڪوچ ليونل اسڪالوني چيو، “سوئٽزرلينڊ وٽ تمام گهڻا تجربيڪار رانديگر آهن. هو مضبوط ٽيم آهي، تنهنڪري يقيناً سخت مقابلو ٿيندو.”
ليونل ميسي پنهنجي ڇهين ورلڊ ڪپ ۾ مجموعي طور 21 گول ڪري نئون رڪارڊ قائم ڪري چڪو آهي، ۽ هاڻي هو ان انگ ۾ وڌيڪ اضافو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو.
ميسي جا انگ اکر وڌيڪ به بهتر ٿي سگهن ها جيڪڏهن هو ٻه پينالٽيون ضايع نه ڪري ها، پر اسڪالوني واضح ڪيو ته هو پنهنجي ڪپتان کان پينالٽي وٺڻ جي ذميواري واپس نه وٺندو.
هن چيو، “منهنجي ذهن ۾ اهو خيال به نه ايندو ته مان کيس چوان ته ايندڙ پينالٽي نه وٺ. هو جيڪو چاهي، اهو ڪري.”
هوڏانهن جمعي ڏينهن اسپين آخري لمحن ۾ بيلجيم کي 2-1 تان شڪست ڏئي ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل ۾ پهچي ويو، جتي هاڻي سندس مقابلو فرانس سان ٿيندو.
لاس اينجلس ۾ کيڏيل ميچ جو فيصلو بيلجيم جي گول ڪيپر سيني لامنز جي غلطي سبب ٿيو، جنهن 88هين منٽ ۾ هڪ شاٽ هٿن مان کسڪي ويو، جنهن کان پوءِ ميڪل ميرينو بال کي ڄار ۾ پهچائي اسپين کي 2-1 جي برتري ڏياري.
يورپي چيمپيئن اسپين، اڱاري ڏينهن ٽيڪساس جي شهر آرلنگٽن ۾ جارحاڻي انداز سان کيڏندڙ فرانس سان سيمي فائنل کيڏندو.
اسپين جي ڪوچ لوئس ڊي لا فوئنٽي چيو ته، “ٻنهي ٽيمن جي معيار کي ڏسندي هي ميچ فائنل کان اڳ وارو فائنل محسوس ٿيندو.”
ڪراچي سميت صوبي ۾ ترقياتي رٿائن تي ڪم جاري
لوڪل ڪائونسلن جي ڪارڪردگي ۽ شفافيت جو جائزو وٺڻ جو فيصلو
بائنانس، دنيا جي وڏي ۾ وڏي ڊجيٽل چوري، اتر ڪوريا تي شڪ
سنگاپور ۽ پاڪستان ۾ ٻطرفو سهڪار وڌائڻ تي اتفاق
آسيان ملڪن کي سيڙپڪاري جي دعوت، سهڪار جي خاطري
ڪوٽڙي، ٻن برادرين جي جهيڙي ۾ نوجوان قتل، ماءُ صدمي ۾ فوت
ميرپورخاص ۾ ڀاءُ جي مبينا فائرنگ، ڀيڻ قتل
پاڪستان صحافت ۽ صحافين لاءِ انتهائي غير محفوظ ملڪ قرار
سکر ڊويزن ۾ پکين جي غيرقانوني شڪار تي قلم 144 لاڳو
اسلام آباد پوليس جي 10 ڊي ايس پيز جي ايس پي طور ترقي
بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز 5 ڊرون ڪيرائي ڇڏيا
اپوزيشن کي چونڊ سڌارن بابت ڪميٽي ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت
ڊسمبر، جنوري ۽ فيبروري بجلي واهپيدارن لاءِ ڏکيا ثابت ٿيڻ جو امڪان
بجلي مهانگي ڪرڻ واري درخواست تي فيصلو محفوظ
28هين ۽ 29هين ترميمن تي پ پ جو موقف ڏسڻو پوندو: جتوئي
ٽريفڪ نظام لاءِ سيف سٽي منصوبي کي وڌائڻ جو فيصلو
ميونسپل ڪارپوريشن جي ملازمن جي پڪو ڪرڻ واري درخواست رد
جعلي پوليس مقابلو ثابت، اهلڪار کي موت جي سزا
سنڌيار ڪراچي 30 آڪٽوبر 2026ع
سنڌيار سکر 30 آڪٽوبر 2026ع










