ڪوئٽه ۾ وڪيل جي ٽارگيٽ ڪلنگ جو ذميوار عمران خان آهي

ڪوئٽه ۾ وڪيل جي ٽارگيٽ ڪلنگ جو ذميوار عمران خان آهي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف جي خاص صلاحڪار عطا تارڙ چيو آهي ته ڪوئٽه ۾ سپريم ڪورٽ جي وڪيل جي قتل جو ذميوار پي ٽي آءِ چيئرمين آهي.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ليگي اڳواڻ چيو ته وڪيل عبدالرزاق جي قتل ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين کي نامزد ڪيو وڃي. عبدالرزاق شر کي ٽارگيٽ ڪري قتل ڪيو ويو آهي جيڪو بار جو سرگرم ميمبر هو.هن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف هڪ ڪيس بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف سڀاڻي سنگين غداري ڪيس جي ٻڌڻي ٿيڻي هئي.ڪيس جي وڪيل ۽ درخواستگذار کي اڄ ٽارگيٽ ڪلنگ ڪري شهيد ڪيو ويو.عطا تارڙ چيو ته اها ٽارگيٽ ڪلنگ ڪو معمولي واقعو نه آهي.عبدالرزاق جي قتل جو ذميوار پي ٽي آءِ چيئرمين آهي. ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين کي نامزد ڪيو وڃي. قتل جي شفاف جاچ کي يقيني بنايو ويندو. پي ٽي آءِ چيئرمين جيڪڏهن اڄ جيل ۾ هجي ها ته اڄ اهو واقعو پيش نه اچي ها.عطا تارڙ چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي توشه ۽ ٻين ڪيسز ۾ اسٽي ڏنو ويو هي 9 مئي جي واقعن تي پردو وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن پر اسان کين اسٽي آرڊر پٺيان لڪڻ نه ڏينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو