لاهور(ويب ڊيسڪ) پشاور جي بيٽنگ پاور پلي ۾ ئي مشڪل جو شڪار رهي، 15.2 اوورن ۾ پوري ٽيم 114 رنز تي آئوٽ ٿي وئي. ڪوئٽا کين 64 رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي. فهيم اشر 5 وڪيٽون ورتيون، رائلي روسو چار ۽ ڪسال مينڊس 3 ڪيچ پڪڙيا. آخري وڪيٽ آخري وڪيٽ سفيان يوسف مقيم جي هئي جنهن کي فهيم اشرف جي بال تي رائلي روسو ڪيچ ڪيپو. ان کان اڳ اوپنر صائم ايوب 5 رنز ٺاهي فهيم اشرف جي بال تي ڪسال مينڊس هٿان ڪيچ ٿيو، بابر 12 رنسون ٺاهيون ته عامر کيس بائونسرهڻي بعد ۾ ايل بي ڊبليو ڪيو، رويو ۾ به نه بچي سگهيو، ڪيڊ موار کي ڪلهي ۾ عامر جو بائونسر لڳو پر بعد ۾ وسيم جونئر ليگ سائيِڊ کان کيس بولڊ ڪيو، هن 5 رنسون ٺاهيون، حارث، عبدالصمد کي 2 رنسن تي فهيم اشرف اٺين يعني ساڳئي اوور ۾ ڪسال هٿان ڪيچ ڪرايو، پساور جي اڌ ٽيم 50 رنزن تي ٺير ٿي وئي. عامر کي پهرين بال تي ڇڪو هنيو پر اڳئين اوور ۾ فهيم اشرف جي بال تي رائلي روسو هٿان 17 رنز ٺاهي ڪيچ ٿيو، حارث کي ، ڪوئٽا 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 178 رنز ٺاهي سگهي. 11 هين اوور ۾ خرم شهزاد 15 رنز ٺاهيندڙ مچل اوون کي محمد وسيم هٿان ڪيچ ڪرايو ۽ الزاري جوزف کي ڪيپر هٿان ڪيچ ڪرايو. امپائر آئوٽ نه ڏنو پر رويو ۾ هو آئوٽ ٿيو ۽ 81 جي اسڪور تي 7 وڪيٽون پشاور جون ڪري پيون، 12 هين اوور ۾ ليو ووڊ فهيم اشرف کي ڇڪو هنيو پر ساڳئي اوور ۾ کيس رائلي روسو هٿان ڪيچ ڪرائي چوثون شڪار ڪيو. 15 هين اوور ۾ ابرار کي حسين طلعت هڪ ڇڪو ۽ هڪ چوڪو هنيو ۽ بعد ۾ رائلي روسو هٿان ڪيچ ڪرايو، هن 34 بالن تي 39 رنسون ٺاهيون. قذافي اسٽيڊيم ۾ پي ايس ايل جي 17هين ميچ پشاور ۽ ڪوئٽا ۾ کيڏي پئي وڃي. بابراعظم ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. سعود شڪيل ۽ فن ايلن اننگ شروع ڪئي. فن ايلن ٻن ڇڪن ۽ 4 چوڪن جي مدد سان 16 بالن تي 31 رنز ٺاهي پنجين اوور ۾ 46 جي ٽيم جي اسڪور تي الزاري جوزف جي بال تي صائم ايوب هٿان ڪيچ ٿي ويو. جنهن بعد رائلي روسو جارحاڻي راند جاري رکي پر 10 هين اوور ۾ صائم ايوب کيس بولڊ ڪري ڇڏيو، هن 18 بالن تي 27 رنز اسڪور ڪيون ۽ ڪوئٽا جي 91 تي ٻئي وڪيٽ ڪري. ٻارهين اوور ۾ صائم ايوب سعود شڪيل کي عبدالصمد هٿان بائونڊري تي ڪيچ ڪرايو، هن 5 چوڪن جي مدد سان 26 بالن تي 32 رنز ٺاهيون. 17هين اوور ۾ ڪسال مينڊس 5 چوڪن جي مدد سان 32 رنز ٺاهي الزاري جي بل تي ڪيپر هٿان ڪيچ ٿيو. ان بعد فهيم اشريف کي 19 هين اوورر ۾ الزاري پنهنجي ئي بال تي پاڻ ڪيچ ڪيو، هن هڪ رن ٺاهي. ان بعد حسن نواز آيو. 19هين اوور جي آخري بال تي حسن نواز ڇڪو هنيو ۽ آخري اوور ۾ 8 رنز ٺاهي رن آئوٽ ٿيو، ليوڪ ووڊ 33 رنز ٺاهيندڙ چيپمين کي به آخري اوور ۾ مچل اوون هٿان ڪيچ ڪرايو.










