ڪراچي جي شاندار بيٽنگ، ڪوئٽا کي 9 وڪيٽن تان شڪست

ڪراچي جي شاندار بيٽنگ، ڪوئٽا کي 9 وڪيٽن تان شڪست

لاهور(ويب ڊيسڪ) ڪراچي ڪوئٽا کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي 18.3 اوورز ۾ 199 رنز ٺاهي ورتيون. وارنر 89 ۽ هينڊرڪس 87 رنز تي ناٽ آئوٽ رهيا. وارنر 4 ڇڪا 10 چوڪا هنيا، جڏهن ته هينڊرڪس به 4 ڇڪا ۽ 8 چوڪا هنيا. ڪراچي پوائنٽ ٽيبل تي چوٿين نمبر تي اچي وئي آهي. لاهور ۽ حيدرآباد جي به هڪ هڪ ميچ رهي ٿي، جيڪڏهن هو هارائين ٿا ته ڪراچي ٽاپ فور ۾ پڪي هلي ويندي، جيڪڏهن اهي ٻئي يا ڪا به هڪ ٽيم کٽي ٿي ته پوءِ رن ريٽ تي فيصلو ٿيندو. لاهور اڄ شام 7 وڳي پشاور سان کيڏندي ۽ حيدرآباد پنڊيز سان سڀاڻي منجهند جو کيڏندي. ان کان اڳ جيسن راءِ ۽ ڊيوڊ وارنر اننگ شروع ڪئي، جيسن راءِ 4 چوڪا هڻي 15 بالن تي 20 رنز ٺاهي جهانداد جي بال تي الرازي جوزف هٿان ڪيچ ٿيو. جنهن بعد ريضا هينڊرڪس ۽ ڊيوڊ وارنر زبردست بيٽنگ ڪندي ففٽيون مڪمل ڪيون. 18 هين اوور ۾ جوزف کي رضا هيندرڪس 24 رنز ورتا ۽ ڪراچي جي فتح کي ويجهو وٺي ويو. ڪراچي ٽاس کٽي ڪوئٽا کي بيٽنگ جي دعوت ڏني. حسن علي جي پهرين اوور ۾ ڪوئٽا جون 2 وڪيٽون ڪري پيون. شامل حسين پهرين بال تي ڪيپر اعظم خان هٿان زيرو تي ڪيچ ٿي ويو. خواجا نافع 2 بال کيڏي بنا رن ٺاهڻ جي ڊيوڊ وارنر هٿان ڪيچ ٿي ويو. جنهن بعد سعود شڪيل ففٽيون مڪمل ڪيون 148 جي ٽيم جي اسڪور تي سعود شڪيل 9 چوڪن جي مدد سان 34 بالن تي 57 رنز ٺاهي رضوان الله جي بال تي ڪيپر هٿان ڪيچ ٿيو. رائلي روسو 6 ڇڪن ۽ 8 چوڪن جي مدد سان 54 بالن تي 90 رنز ٺاهي عباس آفريدي جي بال تي ڪيپر هٿان ڪيچ ٿيو. ان کان اڳ روسو جو آسان ڪيچ زاهد جي بال تي عباس آفريدي ڊراپ ڪيو هو. حسن نواز 3 رنز ٺاهي رضوان الله جي بال تي ڪيپر هٿان ڪيچ ٿيو. روسو ۽ سعود جي آئوٽ ٿيڻ بعد رنز جي رفتار ٿوري گهٽ ٿي وئي. وڪٽ ڪيپر دنيش چندي مل ۽ جهانداد خان اسڪور اڳتي وڌايو. جهانداد خان 3 رنز ٺاهي عباس آفريدي جي بال تي حسن علي هٿان ڪيچ ٿيو. دنيش چندي مل 30 ۽ الزاري جوزف 2 رنز تي ناٽ آئوٽ رهيا. ڪوئٽا 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 195 رنز ٺاهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو