انتظاميا پاران ڪوئيٽا ۾ کير جا نوان اگهه مقرر

انتظاميا پاران ڪوئيٽا ۾ کير جا نوان اگهه مقرر

ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)ڪوئيٽا ۾ ضلعي انتظاميا کير جا نوان اگهه مقرر ڪري ڇڏيا آهن.نوان اگهه مقرر ٿيڻ کانپوءِ شهر جي دڪانن تي کير جو اگهه 135 رپيا في ليٽر جڏهن ته دڙي جو اگهه 145 رپيا في ڪلو ٿي ويو آهي.ضلعي پرائس ڪميٽي جي چيئرمين ۽ ڊپٽي ڪمشنر ڪوئيٽا پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڊيري فارم مالڪ دڪاندارن کي کير 125 رپيا في ليٽر وڪرو ڪندا.نوٽيفڪيشن موجب شهر ۾ دڪانن تي کير جو اگهه 135 رپيا جڏهن ته دڙي جو اگهه 145 رپيا في ڪلو هوندو.ٻئي طرف ڪوئيٽا ۾ ڊيري فارم مالڪن ضلعي انتظاميا پاران جاري ڪيل نئين پرائس لسٽ کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو