ڪوئيٽا ۾ ڌماڪو، 3 ٻارڙن سميت 8 ڄڻا زخمي

ڪوئيٽا ۾ ڌماڪو، 3 ٻارڙن سميت 8 ڄڻا زخمي

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ)ڪوئيٽا جي زرغون روڊ تي ڌماڪي جي نتيجي ۾ ٽن ٻارن سميت 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا.پوليس جو چوڻ آهي ته زخمين ۾ هڪ ٽريفڪ پوليس اهلڪار به شامل آهي. ايس ايس پي آپريشنز چيو آهي ته ڌماڪو زرغون روڊ تي پل جي هيٺان ڪچري جي ڍير ۾ ٿيو، ڌماڪو دستي بم لڳي ٿو. ايس ايس پي آپريشنز جو چوڻ آهي ته ڌماڪي ۾ 3 ٻارڙا ڪچرو کڻندڙ ۽ هڪ ٽريفڪ اهلڪار پڻ زخمي ٿي پيو.

پهنجو تبصرو موڪليو