ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) ڪوئيٽا ۾ هڪ ئي ڏينهن ٻيو ڌماڪو ٿيو، جنهن ۾ چار ڄڻا زخمي ٿيا آهن.پوليس موجب ڌماڪو ڪوئيٽا جي سرياب روڊ تي ايس ايڇ او جي گاڏي تي ٿيو، جنهن ۾ چار ڄڻا زخمي ٿيا، جڏهن ته ايس ايڇ او محفوظ رهيو.ايس ايڇ او سرياب روڊ احسان الله مروت موجب بم روڊ ڪناري رکيل هو، ريمورٽ ڪنٽرول ڊوائس ذريعي ڌماڪو ڪيو ويو، جنهن ۾ ڏيڍ کان ٻه ڪلو ڌماڪيدار مواد استعمال ڪيو ويو.هن ٻڌايو ته ڌماڪي وقت گاڏي ۾ موجود نه هيس، جڏهن ته واقعي ۾ ڪو پوليس اهلڪار به زخمي ناهي ٿيو.واضح رهي ته ان کان اڳ ڪوئيٽا جي قنڌاري بازار ۾ ڌماڪو ٿيو، جنهن ۾ پوليس اهلڪارن سميت 4 ڄڻا مارجي ويا…..ڪوئيٽا ۾ پوليس جي گاڏي ڀرسان ڌماڪي جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ 11 زخمي ٿي پيا.پوليس موجب شاهراهه اقبال تي پوليس جي گاڏي ڀرسان ڌماڪي جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ 11 زخمي ٿي پيا، ڌماڪي ۾ ٻين گاڏين ۽ موٽرسائيڪلن کي به نقصان پهتو.پوليس اختيارين موجب مارجي ويلن ۾ 2 پوليس اهلڪار به شامل آهن، ڌماڪي ۾ مارجي ويل 4 ڄڻن جا لاش سول اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن.ڌماڪي جي فوري بعد سڪيورٽي فورسز علائقي کي گهيري ۾ آڻي ثبوت گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن.










