ڪوئيٽا: سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن، 18 دهشتگرد مارجي ويا

ڪوئيٽا: سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن، 18 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)ڪوئيٽا جي ٻاهرئين علائقي غزه بند ۾ سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن خلاف آپريشن ڪيو، سيڪيورٽي ذريعن موجب سخت فائرنگ دوران سيڪيورٽي فورسز 10 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. مارجي ويل دهشتگردن وٽان وڏي تعداد ۾ هٿيار ۽ گولا بارود به هٿ ڪيو ويو، سيڪيورٽي ذريعن ٻڌايو ته فائرنگ دوران سيڪيورٽي فورسز جا ٻه اهلڪار به زخمي ٿيا، سيڪيورٽي ذريعن ٻڌايو ته گڏيل انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن هندستان جي سرپرستي ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي ڪيو ويو، رپورٽن موجب دهشتگرد غزه بند جي جبلن وارن علائقن ۾ موجود هئا، سيڪيورٽي ذريعن چيو ته سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ملڪ مان دهشتگردي کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو