ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ)ڪوئيٽا جي عدالت عمران خان جي فوڪل پرسن حسان نيازي جي ضمانت منظور ڪري ورتي. حسان نيازي خلاف 18 مارچ تي ايئرپورٽ ڪوئيٽا ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو، ڪالهه کيس هڪ ڏينهن جي ٽرانزٽ رمانڊ تي ڪوئيٽا پوليس حوالي ڪيو ويو، جتي پوليس کيس اسلام آباد کان ڪوئيٽا آندو.ڪوئيٽا پوليس حسان نيازي کي سخت سڪيورٽي هيٺ جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو، ان موقعي تي ميڊيا جي نمائندن کي به عدالت ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو ويو.بعد ۾ جڊيشل مئجسٽريٽ حسان نيازي جي هڪ لک رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي، جنهن بعد پوليس سخت سڪيورٽي هيٺ حسان نيازي کي وٺي وئي.










