ڪوئلي جا کوهه چوپائي مال لاءِ موت جا کوهه بڻجي ويا

ٺٽو (رپورٽ: جاويد لطيف ميمڻ ) يوسي جھمپير ۽ جھرڪ ۾ قائم ڪوئلي جي کاڻين جي انتظاميه طرفان ڪوئلي لاء کوٽيل کوھ وقت سر بند نه ڪرڻ توڙي غير فعال بڻيل کوھن ڪري مقامي رھواسين جو چوپايو مال کليل اونھن کوھن ۾ ڪري مرڻ لڳو، ڀاڳين پاران پھچندڙ نقصان جي ازالي لاء احتجاج، نوٽيس وٺي کليل کوھ بند ڪرائي کين نقصان کان بچائڻ جو مطالبو. ان سلسلي ۾ ٺٽي جي ڪوھستاني يوسي جھمپير ۽ جھرڪ جي ڪيترن ئي مقامي رھواسين احتجاج ڪندي صالح محمد چانگ، طيب چانگ، محمد عيدن، پنھون، صادق، مير محمد، غلام محمد، ميرحسن ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو آھي ته يوسي جھمپير ۽ جھرڪ جي جابلو پٽي ۾ وڏي تعداد ۾ ڪوئلي جون کاڻيون قائم ڪيون ويون آھن،

Photo Sindhyar

جتان روزانو وڏي تعداد ۾ ڪوئلو نڪري ٿو، پر ڪوئلي لاء کوٽيل تمام اونھن کوھن ۾ ڪوبه حفاظتي انتظام نه ھجڻ توڙي غير فعال بڻيل کوھ وقت سر بند نه ڪرڻ ڪري مقامي مالوند ماڻھن جو چوپايو مال اونھن کوھن ۾ ڪري مري وڃڻ ڪري ڀاڳين کي وڏو نقصان پھچي رھيو آھي، الھبچايو چانگ ۽ ٻين چيو ته ھتي ڪافي ڪوئلي جا کوھ ھڪ بااثر ٺيڪيدار نديم شيخ پاران کوٽايا ويا آھن، ھنن چيو ته ڊي سي ٺٽو سميت چونڊيل نمائندن ۽ ڪوئلي کاڻين جي ڪمپني جي انتظاميه کي شڪايت ڪئي آهي پر ڪو به قدم نٿو کنيو وڃي. مقامي مانھن کي روزگار به نٿو ڏنو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو