ڪنڌڪوٽ(رپورٽر) بائي پاس ڪچي ويجهو ڌاڙيلن وڌيڪ 4 ڄڻن کي اغوا ڪري ورتو.پوليس موجب ڪنڌڪوٽ بائي پاس تي ڪچا ويجهو ڌاڙيلن ٻن چوکيدار ۽ ٻن پورهيتن کي اغوا ڪري ورتو، جنهن بعد هڪ هفتي اندر اغوا ٿيلن جو انگ وڌي 11 ٿي ويو آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته مغوين جي بازيابي لاءِ آپريشن جاري آهي، جلد بازياب ڪرايو ويندو.ايس ايس پي عرفان سمون جو چوڻ هو ته ڪچي ۾ ڌاڙيلن جا ڪيترائي ٿاڪ ڊاهي پٽ ڪيا ويا آهن ۽ 15 شڪي ماڻهن کي حراست ۾ وٺي اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي.










