ڪنڌڪوٽ(ن س) ڪنڌڪوٽ، بڊاڻي شھر ڀرسان وڌيڪ ٻه ڳوٺاڻا اغوا، بڊاڻي ايٽ مياڻي ٿاڻي جي حد اندر گنڊير جا رھواسي شڪيل احمد خالطي ۽ برڪت علي خالطي کي ھٿياربندن هٿان اغوا، خبر موجب اڄ مغوي برڪت علي خالطي ۽ شڪيل احمد خالطي پنهنجي ڳوٺ گنڊير مان بڊاڻي شهر اچي رهيا هئا ته رستي تي نامعلوم هٿيار بندن هٿان اغوا ٿي ويا، هٿيار بند ڌاڙيل مغوين کي ڪچي طرف کڻي ويا اهڙو اطلاع بڊاڻي ايٽ مياڻي پوليس کي ملندي ئي ڌاڙيلن جو پيڇو ڪري سڄي علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو۔










