ڪنڀارڪو هنر ختم ٿيڻ لڳو، ڇا وري مٽيءَ ڏانهن موٽ ٿيندي؟

عادلپور (رپورٽ اسلم مھر)  ڪنڀارڪو ڪم ڪندڙ مٽي جا ماڻھون ڌرتي جي چيڪي مٽي کي ڳوهي سنڌ جي صديون پراڻي تهذيب ٺڪر جا ٿانو ٺاهي سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪري رهيا آهن پر ٺڪر جي ٿانون جي وقت سان اهميت گهٽجڻ سبب ڪنڀارڪو ڪم زوال پذير ٿيندو پيو وڃي. ٺڪر جا ٿانو ٺاهيندڙ مزدور، ڪاريگر فاقه ڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. مٽي کي حياتي بخشيندڙ “ڪُــنڀر” اڄ جي جديد دور ۾ ٻين آڏو هٿ ٽنگڻ تي مجبور ٿي ويا آھن مٽي جي ٿانون جو وڪرو پڻ گھڻي حد تائين گھٽجي ويو آهي. مٽي مان ٺهندڙ دِلا، مَٽ، ڪُونڊيون، دانگيون، پاٽيون ۽ ٻئي سامان جو واهپو نه هئڻ برابر رهجي ويو آهي.، سنڌ  سميت عادلپور ۾ به مشهور ڌنڌي جي اهميت گهٽجڻ ڪري ڪاريگر مايوسي جو شڪار آھن ان سلسلي ۾ عادلپور جي مشھور ڳوٺ لاکو لنجاري جا مشهور ڪنڀارڪو ڪم  ڪندڙ رانجھن ڪنڀار  مصري ڪنڀار جانڻ ڪنڀار ۽  ٻين ٻڌايو  ته اسان گذريل ڪيترن ئي پيڙهين کان هي ڪنڀارڪو ڪم ڪندا اچون پيا مگر هاڻ هن ڌنڌي ۾ روزي نه رهي آهي بازارن ۾ ٺڪر جي جاءِ پلاسٽڪ جست شيشو ۽ اسٽيل جي ٿانون والاري ورتي آهي ان جي ڪري ٺڪر جي ٺهيل ٿانون جي اھمت تمام گهٽ ٿي وئي آهي جنهن سبب اسان جا ٺهيل ٿانو مارڪيٽ ۾ نٿا وڪامجن هنن چيو مٽي جي ٿانون ٺاهڻ مٿان اسان جو خرچ ٿئي ٿو ۽ وقت پڻ لڳي ٿو ھن ٻڌايو ته سڀ کان پھريان چيڪي مٽي جي تلاش ڪندا آھيون چيڪي مٽي کي ڇاڻي اٽي جيئان ڳوھي پوءِ چيڪي مٽي کي ڍڪيو ويندو آهي ته جئين چيڪي مٽيءَ کي هوا نه لڳي چيڪي مٽي نرم ٿيڻ کان پوءِ چڪ تي چاڙھي مٽ، دلا دانگيون ماٽو پاٽ اکري ڪونڊو ۽ ٻيا مٽيءَ مان ڪيترائي ٿانوَ ٺاھيا وڃن ٿا ۽ سڪائي مختلف قسم جي ڊيزائن جا خوبصورت گل ٺاھيا ويندا آھن رنگ وارو پٿر جيڪب آباد مان گھرايو ويندو آھي ۽ ٿانون کي چمڪائڻ لاء سنڌو درياء جي واري استعمال ڪئي ويندي آھي جڏھن ته ڪجهه  ڏينھن لاء بٺي (آئي) ۾ لاھي ڇيڻي جي باھ ۾ پچائي ٺڪريءَ ۾ تبديل ڪندا آھيون  آخري مرحلي ۾ دلن، مٽن سميت ٻيا ڪيترائي ٺڪر جا ٿانوَ شھرن، ڳوٺن ۾ گھر گھر وڪرو ڪري پنھنجي حق حلال جي روزي ڪندا آھيون.

Clay work, Photo Sindhyar

ھنن ٻڌايوته گرمي شروع ٿيندي ئي ٿڌو پاڻي پيئڻ ھر ماڻھونءَ جي ضرورت ھوندي آھي،انھيءَ ڪري ٿڌو پاڻي ٻين ٿانون بجاءِ صرف ٺڪر جي ٿانونِ ۾ ٿيندو آھي،   گرميءَ جي موسم شروع ٿيندي ئي مٽيءَ مان ٺھندڙ مٽن، دلن جي وڪري ۾ تمام گھڻو اضافو اچي ويندو آھي، جنھن سبب اسان جو گذر سفر تمام سٺو ٿيندو آھي شھر جي ڀيٽ ۾ ٻھراڙي جي علائقن ۾جتي  ڳوٺن ۾ بجليءَ جي سهولت نه هجڻ ڪري فرج جو استعمال نه ٿيندو آهي انهن ڳوٺن ۾ گھرن توڙي اوطاقن ۾ خاص ڪري مٽي مان ٺھيل دلا مٽ استعمال ڪيا ويندا آهن هنن جو چوڻ آهي ته اسان جي هن ڌنڌي جي زوال سبب هاڻ اسان پنھنجي ٻچن کان ٻيا ڌنڌا ۽ ڪاروبار ڪرائي رهيا آهيون ڪنڀار ڪاريگرن چيو ته اسان جي گذارش آهي، وقت جي حڪمرانن کي ته هو سنڌ جي هن قديم هنر کي بچائين ۽ ڪنڀارن جي بقاءُ لاءِ جوڳا قدم کڻن ته جيئن ڪنڀارڪو هنر زنده رهي ۽ ڪنڀار برادري به معاشي طور ترقي ڪري سگهي. هنن چيو ته انسان ڪيڏي به ترقي ڪري وڃي پر نيٺ هن کي مٽي ۾ وڃڻو آهي اسانکي يقين آهي ته هڪ ڏينهن دنيا وري مٽيءَ ڏانهن موٽندي ۽ اسانجي ڪرت جو وري عروج اچڻو آهي. ياد رهي ته ڪو دور هوندو هو جو ماڻهو شادي جي تاريخ ڪنڀرن کان پڇي طئي ڪندا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو