ڪنيٽيڪٽ: ڊاڪٽر سعود انور مسلسل ٽيون ڀيرو اسٽيٽ سينيٽر چونڊجي ويو

ڪنيٽيڪٽ: ڊاڪٽر سعود انور مسلسل ٽيون ڀيرو اسٽيٽ سينيٽر چونڊجي ويو

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪي رياست ڪنيٽيڪٽ مان پاڪستاني نژاد آمريڪي ڊاڪٽر سعود انور مسلسل ٽيون ڀيرو اسٽيٽ سينيٽر چونڊجي ويو.خصوصي انٽرويو ۾ نئين چونڊيل سينيٽر ڊاڪٽر سعود انور جو چوڻ آهي ته سينيٽر طور اختيار ڪيل پاليسيون ڪاميابي جي ضمانت آهن.هن چيو ته منهنجي تڪ ۾ هڪ کان ٻه سيڪڙو مسلمان آهن، مون کي چونڊرائي عوام ثابت ڪيو آهي ته سندن لاءِ پاليسيون اهم آهن.نون چونڊيل سينيٽر ڊاڪٽر سعود انور وڌيڪ چيو آهي ته پاڪستاني آمريڪي جيڪي هن ڀيري نه کٽيا اهي ايندڙ ڀيري ضرور کٽندا.ڊاڪٽر سعود انور ڊاڪٽر آصف محمود ۽ ٻين لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو