ڪنهن کي ٻاهران ته آرمي چيف نه پيو لڳايو وڃي: قمر زمان ڪائره

ڪنهن کي ٻاهران ته آرمي چيف نه پيو لڳايو وڃي: قمر زمان ڪائره

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ قمر زمان ڪائره جو چوڻ آهي ته ٻاهران ڪنهن کي به آرمي چيف مقرر نه ڪيو وڃي، 5 سينيئر جنرلن مان رڳو هڪ کي آرمي چيف مقرر ڪيو ويندو.قمر زمان ڪائره چيو ته عمران خان مسلسل ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي، عمران 4 سالن کان ساڻس گڏ هو جنهن تي الزام هڻي رهيو آهي.قمر زمان ڪائره چيو ته شهباز شريف پنهنجي پارٽي جي سربراهه سان صلاح مشوري لاءِ لنڊن ويو آهي، وزيراعظم واپس اچي پ پ قيادت ۽ مولانا صاحب سان صلاح مشورو ڪندو، عمران خان کان ڪنهن نه پڇيو آهي ۽ نه پڇندو.پ پ اڳواڻ چيو ته خان صاحب جي چوڻ تي اهي طوفان آڻي رهيا آهن جيڪي ملڪ لاءِ نقصانڪار آهن، جيڪڏهن هٿياربند ٿي اسلام آباد آيا ته قانون پنهنجو رستو اختيار ڪندو.قمر زمان ڪائره وڌيڪ چيو ته غيرقانوني صورتحال لاءِ غير معمولي قانون لاڳو ڪرڻا پوندا، جيڪا پارٽي تشدد ڪرڻ واري آهي ان سان ڇا ڪيو وڃي، فيصلو ڪرڻو پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو