لاهور (ويب ڊيسڪ)اڳوڻي وفاقي وزير اسد عمر جو چوڻ آهي ته منهنجي باري ۾ غلط خبرون ڦهلجي رهيون آهن ته مان پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي ويو آهيان.لاهور ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته مان لاهور ۾ آهيان، ڪنهن ٻئي پارٽي ۾ وڃڻ جو سوچي به نٿو سگهان،اسد عمر جو چوڻ آهي ته فواد چوڌري تمام گهڻي فائرنگ ڪري رهيو آهي، کيس چوندس ته هلڪو هٿ رکي.لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ 9 مئي سانحي ڪيس ۾ اسد عمر جي عبوري ضمانت تي ٻڌڻي ٿي. عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا اسد عمر جاچ ۾ شامل ٿيو آهي؟اسد عمر جي وڪيل جواب ڏنو ته اسد عمر کان جاچ ٿي چڪي آهي.پوليس آفيسر چيو ته ٽنهي ڪيسن ۾ جاچ آفيسر عدالت ۾ پيش نه ٿيا آهن.وڪيل چيو ته اسد عمر جي آءِ ٽي ۾ پيش ٿيو آهي، وڊيو موجود آهي.پوليس آفيسر جو چوڻ هو ته هو جاچ ۾ شامل نه ٿيا آهن.اسد عمر جي وڪيل چيو ته 14 مهينن کان عبوري ضمانتون هلي رهيون آهن، 3 ڀيرا پيش ٿي چڪا آهن.عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ڊي ايس پي ليگل کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو.










