اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل واضح ڪيو آهي ته هو ڪنهن جون ٽنگون ڇڪڻ جو ڪم نه ڪندو آهي پر سچ ۽ صرف سچ ڳالهائيندو آهي.هو وزيراعظم جي ان بيان جو حوالو ڏئي رهيو هو جنهن ۾ هن چيو هو ته جيڪي ماڻهو اسحاق ڊار جون ٽنگون ڇڪي رهيا آهن انهن جي (ن) ليگ ۾ ڪا به جاءِ ناهي.مفتاح اسماعيل چيو ته هو اسلام آباد ۾ پنهنجي ڪجهه دوستن سان ملڻ آيو هو، شاهد خاقان عباسي سان به رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.اسحاق ڊار جون ٽنگون ڇڪڻ بابت وزيراعظم جي بيان جي حوالي سان هن چيو ته کيس خبر ناهي ته هن ائين ڇو چيو ۽ ڪهڙي طرف اشارو ڪيو.ذريعن جو چوڻ آهي ته شاهد خاقان عباسي ۽ مفتاح اسماعيل جو (ن) ليگ کان ڌار ٿيڻ جو ڪو به ارادو ناهي.










