ڪنهن به شخص جي مرضي بنا ڊي اين اي ٽيسٽ غير آئيني قرار

ڪنهن به شخص جي مرضي بنا ڊي اين اي ٽيسٽ غير آئيني قرار

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو آهي ته سول ڪيسن ۾ ڪنهن به ڌر جي ڊي اين اي ٽيسٽ جو آرڊر غيرقانوني هوندو. 5 اپريل ڏنل فيصلو جيڪو تفصيلي طور هاڻي جاري ڪيو ويو آهي، تنهن ۾ جسٽس منصور علي شاهه لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو رد ڪندي ٽرائل ڪورٽ جو فصلو برقرار رکڻ جو حڪم ڏنو آهي. 2 رڪني بينچ ۾ جسٽس جمال خان مندوخيل به شامل هو ۽ ٻنهي اتفاق راءِ سان فيصلو ڏنو آهي. عدالت چيو آهي ته قانون مطابق ڄاڻايل ڌر جي پنهنجي مرضي کانسواءِ ڊي اين اي جو حڪم عدالت نٿي ڏئي سگهي ڇو ته اهو آئين جي شقن 9 ۽ 14 جي سنگين خلاف ورزي آهي. خانداني ملڪيت جي هڪ ڪيس ۾ محمد حسين نالي شخص پنهنجي ملڪيت پنهنجي پٽ تاج الدين ۽ سندس زال زبيده جي نالي گفٽ ڪئي. جنهن اها ملڪيت پنهنجي پٽ محمد نواز جي نالي ڪئي. جنهن خلاف سندس ڀائٽين سول ڪورٽ ۾ ڪيس ڪيو ۽ چيو ته محمد نواز تاج الدين جو پٽ ناهي اوهان ٽنهي جي ڊي اين اي ڪرايو. ٽرائل ڪورٽ 3 فيبروري 2010 تي جاري ڪيل حڪم ۾ چيو ته لکت ۾ موجود ثبوت ڪافي آهن ۽ ڊي اين اي جي ضرورت ناهي، عدالت درخواست رد ڪري ڇڏي. جنهن خلاف ايديشنل ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج وٽ اپيل داخل ڪئي وئي ۽ رويزن ڪورٽ ٽرائل ڪورٽ جي فيصلي خلاف 2 جون 2010 تي جاري ڪيل حڪم ۾ ڊي اين اي ڪرائڻ جو حڪم ڏنو. جنهن بعد محمد نواز لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ان فيصلي خلاف اپيل ڪئي ته لاهور هاءِ ڪورٽ سندس اپيل 2 سيپٽمبر 2015 تي رد ڪندي ڊي اين اي ڪرائڻ جو حڪم ڏنو. جنهن خلاف محمد نواز سپريم ڪورٽ ۾ اپيل ڪئي. سندس وڪيل چيو ته رويزن ڪورٽ ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ تاج الدين ۽ زبيدا بي بي ڪيس ۾ ڌر ئي نه هئا ته هنن خلاف آرڊر ڪيئن ٿو جاري ڪري سگهجي؟ سپريم ڪورٽ چيو ته جيڪي ماڻهو ڪيس م ڌر نه آهن انهن جي ڊي اين اي جھو حڪم آئين جي خلاف آهي پر جيڪا ڌر آهي ان خلاف به سندس مرضي کانسواءِ ڊي اين اي جو حڪم غير آئيني آهي. عدالت چيو ته ڪير ڪنهن جي اولاد آهي، ان بابت صرف والد کي سوال اٿارڻ جو حق آهي ۽ ٻيو ڪو به ان معاملي بابت سوال نٿو اٿاري سگهي. جيڪڏهن ڪنهن به جوڙي جي جائز شادي واري مدت ۾ ڪو ٻار پيدا ٿيو آهي ته اهو والدين جي مليڪت جو حقدار آهي. سپريم ڪورٽ چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ غلط آرڊر ڪيو آهي جنهن ۾ درستگي ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو