سلام آباد (بيورورپورٽ)صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ملڪ جي سلامتي، استحڪام، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي.اسلام آباد جي شڪر پيادن گرائونڊ ۾ يوم پاڪستان جي تقريب کي خطاب ڪندي صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان پنهنجي خودمختياري تي ڪڏهن به سوديبازي نه ڪندو، هر وقت ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته دهشتگردن يا ڪنهن ٻئي گروپ طرفان پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي برداشت نه ڪيو ويندو، پاڪستان عالمي امن ۽ سمورن ملڪن سان دوستاڻا لاڳاپا چاهي ٿو، ايٽمي طاقتون ذميوار آهن ۽ پرامن گڏيل بقاءَ تي يقين رکن ٿيون.صدر چيو ته اڄ جي پرجوش پريڊ مضبوط ۽ مستحڪم پاڪستان جي لاءِ اسان جي قومي جذبن ۽ امنگن جي عڪاسي آهي.اسان کي قومي اتفاق راءِ، حڪمت عملي، صوبن ۽ وفاق جي وچ ۾ بهتر رابطا رکندڙ موثر حڪمت عملي جي اشد ضرورت آهي.هن چيو ته قوم کي مايوس نه ٿيڻ گهرجي، اسان پاڪستان کي معاشي طور مضبوط ۽ خودمختيار بڻائڻ لاءِ پرعزم آهيون، ايس آءِ ايف سي جو قيام معاشي مسئلن جي حل ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪيو ويو آهي.اسان کي انساني وسيلن جي ترقي ۽ مهارت جي ترقي، زراعت، آئي ٽي، صنعتي ترقي ۽ سٺي حڪمراني تي ڌيان ڏيڻو پوندو.آصف علي زرداري چيو ته ملڪ جي سلامتي، استحڪام ۽ ترقي لاءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي.هن چيو ته ڀارت جي سمورن غير قانوني قدمن جي مذمت ڪريون ٿا، گڏيل قومن کي والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو نوٽيس وٺڻ گهرجي، ڪشميري عوام کي يقين ڏياريان ٿو ته پاڪستان سندن حق خوداراديت جي جائز جدوجهد ۾ هميشه ساڻن گڏ رهندو.صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته غزه ۾ جاري تشدد ۽ فلسطينين جي نسل ڪشي تي کيس سخت ڳڻتي آهي، عالمي برادري فوري طور تي غزه ۾ جنگ بندي ڪرائي ۽ اسرائيل کي ظالمانه قدم کڻڻ کان روڪي.
انسٽاگرام ۾ واٽس ايپ جي ويو ونس جهڙو فيچر متعارف
ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي هيلي ڪاپٽر سان حادثو، ڳولا جاري
لاقانونيت ۽ ڌاڙيل راڄ خلاف ڪُل جماعتي ڪانفرنس گهرائڻ جو فيصلو
ٻٽي شهريت رکندڙ نگران وزيرن ۽ صلاحڪارن جا نالا پڌرا ڪرڻ جو حڪم
نثار کهڙو بپلڪ اڪائونٽس ڪيمٽي سنڌ جو چيئرمين،منظوري
جون 2025ع تائين روپيو پنهنجو ملهه 18 سيڪڙو وڃائي ويهندو: آئي ايف ايف
يوسف رضا گيلاني جي موبائل فون تي ڌمڪي وارو پيغام وصول
نائب وزيراعظم ڊار ۽ امير مقام جو ڪرغزستان جو دورو اوچتو ملتوي
سنڌ دشمن منصوبن خلاف لڳل بک هڙتال پڄاڻي تي پهتي
هيٽ ويوو سبب ميٽرڪ جا امتحان ملتوي
ايس ايڇ او ڪورنگي انڊسٽريل ايريا معطل
افغانستان ۾ ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي، 70 ڄڻا فوت، ڪيترائي لاپتا
ڪي پي ۾ تعلقي چيئرمينن ۽ ميئرن جا مراعات ٻيڻي ڪرڻ جو فيصلو
اين اي 148 ملتان ۾ ضمني چونڊ لاءِ پولنگ عمل ختم،ڳڻپ جاري
بجيٽ ۾ پگهارن ۽ پينشن ۾ 15 سيڪڙو واڌ جو امڪان
عشرت العباد جو هڪ ڀيرو ٻيهر عملي سياست ۾ اچڻ جو اشارو
گرمي جي شدت ۾ واڌ، گيسٽرو ۽ معدي جي بيمارين ۾ واڌ
ڪوهلي پي ايس ايل ۾ اچي يا ٽيم ۾ سان گڏ ڀليڪار ڪندس: آفريدي
اسٽار ڪڊ جي ڪري هڪ فلم تان هٿ کنيو، راجڪمار رائو
سنڌ يار سکر 19 مئي 2024