ڪنب ۽ ڪوٽڏيجي ٽائون ڪاميٽين جا اڪائونٽ منجمند

ڪنب(صفدرچانڊيو )  سنڌ هاءِ ڪورٽ حڪم بجا نه آڻڻ تي ڪنب ۽ ڪوٽ ڊيجي ٽائون ڪاميٽين جا اڪائونٽ منجمند ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي. عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 11 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت پنهنجي حڪم ۾ ڄاڻايو آهي ته گذريل حاضري تي ٻنهي ٽائون ڪميٽين جا چيئرمين موجود هئا جن کي هدايت ڪئي وئي هئي ته حد بندي جو معاملو طئي ڪري رٽائر ٿيل ملازم جي پينشن وغيره واري رقم جو چيڪ پيش ڪيو وڃي. اڄ ٻئي پيش ناهن ٿيا ان ڪري ٻنهي ڪاميٽين جا اڪائونٽ منجمند ڪيا وڃن ٿا. عدالت هدايت ڪئي ته نيشنل بئنڪ ۽ سنڌ بئنڪ جتي انهن ٽائون ڪاميٽين جا اڪائونٽ آهن انهن بئنڪن کي به حڪم کان آگاهه ڪيو وڃي. ڪنب جي رهواسڻ مسمات مهناز تمراڻي پاران 2018۾ وڪيل محمد رضا سومرو معرفت  هاءِ ڪورٽ سکر ۾  پٽيشن داخل ڪرائي هئي. مسمات مهناز تمراڻي ميڊيا کي ٻڌايو ته سندس مڙس عبدالرزاق تمراڻي ڪنب ٽائون ڪاميٽي ۾ بطور  سرڪاري ملازم چوڪيدار ڀرتي ٿيل هو . ڪنب جي ٽائون چيئرمين ساجن علي وساڻ پينشن ۽ بينيفٽس جا رهيل 5 لک روپيا جاري نه ڪيا ۽ مسلسل پنڌ ڪرائيندو رهيو ۽ چوندو هوته تنهنجي مڙس جو اڪائونٽ ڪوٽڏجي ٽائون ڪاميٽي ۾ آھي اوڏانهن وڃو ، وري ڪوٽڏجي چيئرمين چوندو هو ته ڪنب واري سان رابطو ڪيو .جنهن بعد هن 2018تنگ ٿي ڪيس داخل ڪرايو. هن ٻڌايو ته عدالت ۾ ٻه ڀيرا ٻڌڻي ٿي پر ٻنهي ٽائون ڪاميٽيز جا چيئرمن لڙي نه آيا هاڻ عدالتي حڪم بعد ڪنب ٽائون چيئرمين ساجن علي وساڻ برادري جي ماڻھن معرفت رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ته ڳالهيون ڪري مسئلو حل ٿا ڪرايون.

پهنجو تبصرو موڪليو