ڪميشن کي ڪم کان روڪڻ ئي سندس گناهگار هجڻ جو ثبوت آهي

ڪميشن کي ڪم کان روڪڻ ئي سندس گناهگار هجڻ جو ثبوت آهي

لاهور (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ(ن) جي چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته چيف جسٽس جو ڪميشن کي ڪم کان روڪڻ ئي سندس گناهگاهه هجڻ جو ثبوت ۽ اعتراف آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي مريم نواز چيو ته انصاف جي سڀني کان وڏي ڪرسي تي ويٺل شخص پنهنجي عهدي کي احتساب کان بچڻ لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي. مريم نواز چيو ته جيڪڏهن اوهان جي سس پاڪ صاف آهي ته ڇا ان کي قانون کي منهن نه ڏيڻ گهرجي؟ يا چيف جسٽس هجڻ جي ناتي تي قانون اوهان تي لاڳو نٿو ٿئي. مريم نواز چيو ته عمر عطا بنديال پنهنجي خاندان کي بچائڻ جي لاءِ قانون جو مذاق ۽ عدليه کي تماشو بنائڻ جي ڏوهه ۾ سزا جو حقدار آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو