اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان خيبرپختونخواهه ۾ بلدياتي چونڊن جي ٻئي مرحلي دوران سوات ۾ ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي تي وزيراعظم عمران خان، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ وڏي وزير محمود خان کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. ضلعي مانيٽرنگ آفيسر سوات پاران هڪ نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته صدر، وزيراعظم، چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين، سينيٽ، وفاقي وزيرن، مملڪتي وزيرن، گورنرن، وڏن وزيرن، صوبائي وزيرن، وزيراعظم جا صلاحڪار ۽ وڏي وزير، ميئر. چيئرمين، ناظم ۽ ٻيا سڀ سرڪاري آفيسر چونڊ مهم نٿا هلائي سگهن. نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته مڪاني ادارن جي چونڊن لاءِ ڪنهن به جلسي، جلوس يا ڪارنر گڏجاڻي جي اجازت نه ڏني ويندي، اميدوار ڪارنر ميٽنگ ڪري سگهن ٿا، جنهن جو هو اڳواٽ اطلاع ڏيندا. جي.ن حفاظتي انتظام ڪري سگهجن. مٿي ڄانايل عهديدارن کانسواءِ مراد سعيد ۽ صوبائي وزيرن محب الله ۽ ڊاڪٽر امجد علي کي به 18 مارچ تي خود يا وڪيل معرفت پيش ٿيڻ جا نوٽيس ڏنا آهن.










