سکر (جيرام داس ) پنو عاقل ڀرسان قومي شاهراهه تي ڪمند سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪرڻ بعد ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ گهوٽڪي واسي پورهيت راشد گهوٽو ۽ رسول بخش گهوٽو فوت ٿي ويا. ٻڌايو ويو آهي ته پورهيت دُبر ۾ شگر ملز ڏانهن ڪمند کڻي وڃي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو. اطلاع تي وارث پهتا ۽ پوليس تعلقه اسپتال ۾ ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيا. پوليس جو چوڻ آهي ته ڪمند سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي ٽائر برسٽ ٿيڻ کانپوءِ ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري وئي هئي.










