ڪنب (صفدرچانڊيو) ڳوٺ سائين ڏنو راڄڙ ۾ آبادگار ثناءُ الله راڄڙ جي بيٺل ڪمند جي فصل کي اوچتو باهه لڳي وئي باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ پنج ايڪڙ تي بيٺل ڪمند سڙي ويو. جڏهن ته ڳوٺاڻن پاران باهه وسائڻ لاءِ فائر برگيڊ عملي کي اطلاع ڏنو ويو مگر فائر برگيڊ عملو نه پهتو ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت وڏي ڪوشش بعد باهه تي ڪنٽرول ڪري وڌيڪ فصل کي سڙڻ کان بچائي ورتو.










