ڪمند جو اگهه مقرر نه ڪرڻ تي 3 آفيسرن کي شوڪاز جاري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاء ڪورٽ جي جسٽس محمد علي مظهر جي سربراهي ۾ ڊويزن بئنچ  سنڌ ۾  نئين سيزن شروع ٿيڻ باوجود ڪمند جو اگهه مقرر نه ڪرڻ تي سنڌ جي  زراعت کاتي جي سيڪريٽري  آغا ظهير الدين، ڪين ڪمشنر صبغت الله مهر ۽ ٻين کي سبب ڄاڻايو نوٽيس جاري ڪري 10 ڊسمبر تي ڪمند جا اگهه مقرر نه ڪرڻ بابت لکت ۾ وضاحت طلب ڪري ورتي آهي. عدالت اهڙو حڪم جمع ڏينهن ڀريا جي آبادگار ۽ وڪيل سيد مريد علي شاهه پاران سنڌ جي وڏي وزير، چيف سيڪريٽري، زراعت جي صوبائي وزير اسماعيل راهو، زراعت کاتي جي سيڪريٽري آغا ظهير ۽ ڪين ڪمشنر خلاف داخل ڪيل توهين عدالت واري درخواست جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو. ڪالهه عدالت ڄاڻايل درخواست جي ٻڌڻي شروع ڪئي ته ان موقعي تي زراعت کاتي جو سيڪريٽري آغا ظهير پيش نه ٿيو جڏهن ته زراعت کاتي جي فوڪل پرسن عدالت ۾ پيش ٿي ٻڌايو ته ڪمند جو اگهه مقرر ڪرڻ لاءِ ڪابينا جي منظوري گهربل آهي جنهنڪري ايندڙ هڪ ڏينهن اندر ٿيندڙ ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪمند جو اگهه مقرر ڪرڻ وارو معاملو غور لاءِ پيش ڪيو ويندو جنهن جي منظوري بعد نوٽيفڪيشن جاري ٿيندو جنهن تي عدالت پڇيو ته گذريل ٻڌڻي تي زراعت کاتي جي سيڪريٽري کي ذاتي طور طلب ڪيو ويو هو. اڄ اهو پاڻ پيش ڇو نه ٿيو آهي جنهن تي عدالت کي سرڪاري وڪيل ٻڌايو ته آغا ظهير الدين اهم گڏجاڻي سبب پيش نه ٿي سگهيو آهي جنهن تي عدالت چيو ته کيس 11 وڳي طلب ڪيو وڃي جنهن بعد سرڪاري وڪيل معلومات وٺي ٻڌايو ته آغا ظهير الدين پنهنجي ڪنهن ڪم سانگي شڪارپور ويل آهي جيڪو اڄ پيش نه ٿي سگهندو جنهن تي عدالت زراعت کاتي جي سيڪريٽري آغا ظهير الدين، ڪين ڪمشنر صبغت الله مهر ۽ زراعت کاتي جي فوڪل پرسن کي عدالتي حڪم باوجود ڪمند جو اگهه مقرر نه ڪرڻ بابت سبب ڄاڻايو نوٽيس جاري ڪري 10 ڊسمبر تي وضاحت طلب ڪري ورتي آهي. سيد مريد علي شاهه پاران داخل ڪيل توهين عدالت واري  درخواست ۾ اهو موقف اختيار ڪيو ويو ته  سنڌ هاءِ ڪورٽ نئين سيزن شروع ٿيڻ کان ڪمند جو  اگهه مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي جنهن تي اڃا تائين عمل نه ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڪمند جي سيزن به اچي وئي ۽ شگر ملون به هلي ويون آهن. سرڪار پاران ڪمند جو اگهه مقرر ڪرڻ بابت نوٽِيفڪيشن جاري ڪرڻ سبب آبادگارن کي تمام گهڻو مالي نقصان ٿي رهيو آهي. داخل ڪيل درخواست ۾ عدالت کي گذارش ڪئي وئي آهي ته عدالتي حڪم باوجود ڪمند جو اگهه مقرر نه ڪرڻ تي سنڌ جي وڏي وزير، چيف سيڪريٽري، زراعت کاتي جي وزير، سيڪريٽري ۽  ڪين ڪمشنر خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي شروع ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو