ڪلڀوشن ڪيس جي ڀارت پيروي نٿو ڪرڻ چاهي

ڪلڀوشن ڪيس جي ڀارت پيروي نٿو ڪرڻ چاهي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو لاءِ وڪيل مقرر ڪرڻ جي درخواست تي ٻن وڪيلن عدالتي معاونت کان معذرت ڪري ڇڏي، سينيئر وڪيل مخدوم علي خان ۽ عابد حسن منٽو طرفان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جواب جمع، عابد حسن منٽو صحت ٺيڪ نه هجڻ ۽ مخدوم علي خان پروفيشنل سببن جي بُنياد تي پيش ٿيڻ کان معذرت ڪري ڇڏي، جڏهن ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو کي وڪيل فراهم ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي جاري آهي، اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته عدالتي حڪم تي پرڏيهي وزارت ڀارتي پرڏيهي وزارت سان رابطو ڪيو، ايئن لڳي رهيو آهي ڀارت ڪلڀوشن ياديو جي سزا بابت فڪر مند نه آهي، ڀارت هيءُ ڪيس وڙهڻ نٿو چاهي، چيف جسٽس چيو ته هن ڪيس ۾ هڪ زندگي جو سوال  آهي، ڪلڀوشن کي شفاف ٽرائل جو موقعو ملڻ گهرجي. عدالت وڌيڪ ڪاروائي ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو