ڪشمير ڏهاڙي تي مختلف تنظيمن پاران ريليون ڪڍيون ويون

ڪشمير ڏهاڙي تي مختلف تنظيمن پاران ريليون ڪڍيون ويون

شڪارپور (عبدالخالق سومرو) پنج فيبروري ڪشمير جي ڏهاڙي تي شڪارپور ۾ مختلف سياسي، سماجي، مذهبي ۽ نوجوانن جي تنظيمن پاران ريليون ڪڍيون ويون. مُکُ ريلي ڊسٽرڪٽ انتظاميه پاران ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ڪاشف نبي کهڙو جي اڳواڻيءَ ۾ جهاز چوڪ کان پريس ڪلب تائين ڪڍي وئي. ريليءَ ۾ روينيو، پوليس، پبلڪ هيلٿ، صحت کاتو، تعليم، سوشل ويلفيئر، بيورو آف سپلاءِ، ميونسپل ۽ ٻين مختلف ادارن جي سربراهن، ملازمن ۽ عوام وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ريليءَ سان خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ڪاشف نبي کهڙو چيو ته 5 فيبروري ڪشمير جي مسئلي جي هڪ اهم يادداشت آهي. اڄ جو ڏهاڙو ڪشميري جدوجهد جو هڪ بنيادي قدم آهي. هن چيو ته ڀارت جي غاصب فوج ڪشمير جي عوام ننڍن ٻارن ۽ عورتن تي ظلم ڪري رهي آهي. هن چيو ته حق خوداراديت هر قوم جو بنيادي حق آهي ۽ جيڪو حق اقوام متحده جي قراردادن ۾ ڪشمير کي ڏنو ويو آهي. ان تي عمل ڪرائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ڪشمير جو مسئلو حل نه ٿي سگهيو ته ان سان دنيا تي تمام گهڻا ناڪاري اثر پوندا. تقريب سان خطاب ڪندي سماجي اڳواڻ اقبال ڏيٿو چيو ته هنن چائلڊ پروٽيڪشن پاڪستان جي پليٽ فارم تان اقوام متحده کي خط لکيا آهن ته ڪشمير ۾ هزارين معصوم ٻارن کي يتيم ڪيو پيو وڃي ۽ جيئن ميانمار ۽ بوسنيا جي ملڪن ۾ مداخلت ڪري اتي جي عوام کي حق خوداراديت ڏنو ويو. ائين ڪشمير کي به اهڙو حق ڏنو وڃي ۽ ڪشمير ۾ ظّلم بند ڪيو وڃي. تقريب ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر شڪارپور جواد احمد لاڙڪ، ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن ارشاد علي چانڊيو، بيورو آف سپلاءِ جو ڊپٽي ڊائريڪٽر رياض احمد ميمڻ، ايم ايس سول اسپتال ڊاڪٽر اصغر مڱڻهار ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. ٻي طرف ريليءَ دوران ريليءَ ۾ شرڪت ڪندڙ عوام پاران ڪشمير جي عوام جي حق ۾ نعرا هنيا جڏهن ته ڀارت ۽ مودي سرڪار خلاف پڻ نعرا هنيا ويا، ٻئي طرف جماعت اسلامي شڪارپور، جي ٽي آئي، پاڪستان پيس ڊفينس ڪائونسل، جي يو آئي، ھندو پنچائت، پيرا ميڊيڪل، روينيو ايمپلائيز، احسن پبلڪ اسڪول، شاہ لطيف ھاء اسڪول، قاضي حبيب الله ھاء اسڪول، ھاء اسڪول ون سميت مختلف اسڪولن پاران پڻ ريليون ڪڍي ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو