مظفرآباد(ويب ڊيسڪ)آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي اليڪشن ڪميشن جمعي ڏينهن علائقي ۾ چونڊن جي ٽئين مرحلي جو شيڊول تبديل ڪندي اعلان ڪيو آهي ته 10 آگسٽ تي هاڻي رڳو پونڇ ڊويزن جي باغ ۽ حويلي ضلعن ۾ پولنگ ٿيندي، جڏهن ته امن امان جي صورتحال بابت خدشن سبب پونڇ ۽ سڌنوتي جي ڪجهه تڪن ۾ ووٽنگ ملتوي ڪئي وئي آهي.
آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ احتجاج ڪندڙن ۽ اختيارين وچ ۾ ڇڪتاڻ جي پسمنظر ۾ چونڊون ٽن مرحلن ۾ ٿي رهيون آهن. ميرپور ڊويزن ۾ پولنگ 27 جولاءِ تي، جڏهن ته مظفرآباد ڊويزن ۾ 2 آگسٽ تي ٿي چڪي آهي.
ٽيون مرحلو 10 آگسٽ تي پونڇ ڊويزن ۾ ٿيڻو هو. پونڇ ڊويزن ۾ مجموعي طور 11 تڪ آهن، جن مان ٽي باغ، هڪ حويلي، پنج پونڇ ۽ ٻه سڌنوتي ضلعي ۾ آهن.
اليڪشن ڪميشن پنهنجي پريس رليز ۾ چيو ته 10 آگسٽ تي اڳوڻي شيڊول موجب باغ جي ٽن ۽ حويلي جي هڪ تڪ ۾ پولنگ ضرور ٿيندي.
تنهن هوندي به، پونڇ ضلعي جي تڪن ۽ سڌنوتي ضلعي جي پلندري واري تڪ ۾ 10 آگسٽ تي چونڊون نه ٿينديون. ڪميشن چيو ته هن پونڇ ۾ رٿيل چونڊن بابت موجوده صورتحال جو جائزو وٺڻ بعد اهو فيصلو ڪيو آهي.
ڪميشن موجب، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي گهرو کاتي جي سيڪريٽري کان مليل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پونڇ ضلعي ۽ پلندري جي ڪجهه علائقن ۾ امن امان بابت خدشا موجود آهن.
پريس رليز ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ڪجهه سياسي اڳواڻن ۽ اميدوارن، جيڪي انهن ضلعن سان تعلق رکن ٿا، پڻ درخواستون ڏنيون آهن ته موجوده حالتن کي نظر ۾ رکندي پونڇ ۽ پلندري ۾ چونڊون ملتوي ڪيون وڃن.
اليڪشن ڪميشن چيو ته صورتحال جو ٻيهر جائزو وٺڻ ۽ سڀني لاڳاپيل معاملن تي غور ڪرڻ کان پوءِ پونڇ ۽ پلندري ۾ پولنگ جون نيون تاريخون ۽ نظرثاني ٿيل چونڊ شيڊول جاري ڪيو ويندو.
ڪميشن واضح ڪيو ته ڪجهه تڪن ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ جو فيصلو رڳو موجوده امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي، جيئن چونڊون آزاد، منصفاڻيون، شفاف ۽ پرامن ماحول ۾ ٿي سگهن.
اليڪشن ڪميشن جو اهو فيصلو 27 جولاءِ تي پونڇ ضلعي جي راولاڪوٽ ۾ احتجاج ڪندڙن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن وچ ۾ ٿيل جهيڙن کان پوءِ سامهون آيو آهي، جن ۾ رپورٽن موجب ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا يا زخمي ٿيا.
راولاڪوٽ ۾ جون جي شروعات کان ئي ڇڪتاڻ جاري آهي، جتي پابندي مڙهيل جوائنٽ عوامي ايڪشن ڪميٽي (JAAC) وقت بوقت ڌرڻا هڻي رهي آهي.
جي اي اي سي جو مطالبو آهي ته مقامي قانونساز اسيمبلي ۾ ڀارت جي انتظام هيٺ ڪشمير مان آيل پناهگيرن لاءِ مخصوص 12 سيٽون ختم ڪيون وڃن، ۽ ان سلسلي ۾ اها ڪيترن ئي هفتن کان احتجاج ڪري رهي آهي. هنن جي دعوايٰ آهي ته اسٽيبلشمينٽ اهي سيٽون سياسي جوڙ توڙ لاءِ استعمال ڪري مرضي جي حڪومت ٺاهيندي آهي.
حڪومت الزام هنيو آهي ته بدامني پکيڙڻ ۾ اهڙا شدت پسند عنصر ملوث آهن، جيڪي “پرڏيهي ايجنڊا” تي عمل ڪري رهيا آهن ۽ کين “ڀارتي فنڊنگ” حاصل آهي.
هن هفتي جي شروعات ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي چيف اليڪشن ڪمشنر غلام مصطفيٰ مغل چيو هو ته چونڊون ڪرائڻ ۾ امن امان جي صورتحال ۽ ووٽرن جي حفاظت جون گهرجون انتهائي اهم هونديون آهن.
هن چيو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي آئين موجب موجوده قانونساز اسيمبلي 4 آگسٽ کان پوءِ ختم ٿي وڃي ٿي. هن وضاحت ڪئي ته، “جيڪڏهن ٻن يا ڪجهه وڌيڪ تڪن ۾ چونڊون نه به ٿي سگهن، تڏهن به اهو نٿو چئي سگهجي ته اسيمبلي مڪمل نه آهي يا چونڊجي آيل ميمبر حلف نٿا کڻي سگهن يا پنهنجا آئيني فرض نٿا نڀائي سگهن.”
هن چيو ته 10 آگسٽ واري مرحلي جي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ نئين قانونساز اسيمبلي حلف کڻندي.










