ڪشمير چونڊ، الجزيره جي پاڪستان ۾ ويب سائيٽ بند

ڪشمير چونڊ، الجزيره جي پاڪستان ۾ ويب سائيٽ بند

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) آزاد ڪشمير ۾ چنڊن بابت رپورٽ نشر ڪرڻ بعد حڪومت الجزيره جي ويب سائيٽ پاڪستان ۾ بند ڪري ڇڏي آهي.
گذريل ٽن ڏينهن کان ويب سائيٽ تائين رسائي بند آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو هو ته پابندي مڙهيل جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي اپيل تي ڪشميرين وڏي پيماني تي چونڊ ج بائيڪاٽ ڪيو ۽ پولنگ اسٽيشنز تي تمام ٿورا ماڻهو ووٽ ڏيڻ لاءِ اچي رهيا هئا.
رپورٽ ۾ چونڊ نتيجن ۾ وڏي پيماني تي ظاهر ڪيل ٽرن آئوٽ تي به سوال اٿاريو ويو هو. حڪومت عالمي ميڊيا جي نمائندن جي چر پر اسلام آباد، لاهور ۽ ڪراچي تائين محدود ڪندي چيو آهي ٻين شهرن ۾ رپورٽنگ لاءِ حڪومت جي اڳواٽ اجازت لازمي آهي، ڀلي اهي پاڪستاني شهري ڇو نه هجن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو